پاڪستان جي مشهور اداڪاره ماهره خان جا اثاثا هڪ ارب روپيه ٿي ويا

 

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪاره ماهره خان جو ڳانڍاپو پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي.هو سوشل ميڊيا سميت  ڪيترن ئي ٻين پليٽ فارمن تي ڪافي سرگرم رهندي آهي هو پنهنجون روزاني جون سرگرميون انسٽاگرام، ٽوئٽر سميت ٻئي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي شيئر ڪندي رهندي آهي ۽ ان جا مداح به هر وقت ان جي ڪانه ڪا تصوير ۽ سرگرميون ڏسڻ جي لاءِ بيچين هوندا آهن.عرب خبرون ڏيندڙ اداري(گلف نيوز) دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪاره ماهره خان جا اثاثا 60 لک ڊالر(تقريبن هڪ ارب روپيه) جي ويجهو آهن. هو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪافي مشهور آهي. مداحن جو وڏو انگ ان جي ڊرامن کي تمام گهڻو پسند ڪندو آهي. هو پاڪستان سميت هالي ووڊ جي فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي.اداڪاره ماهره خان سوشل ميڊيا تي به ڪافي سرگرم آهي سندس ان سرگرمي جو ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انسٽاگرام تي ان جي مداحن جو انگ 52 لک ٿي ويو آهي جڏهن ته سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي ان جي مداحن جو انگ 22 لک جي ويجهو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *