پاڪستان جي مستقبل کي بهتر بڻائڻ لاءِ مضبوط ڪوششن جي ضرورت آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي مستقبل کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي، هوءَ اربع تي سڌ سماءَ جي وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهي هئي، هن چيو ته پاڪستان واپار جي شعبي ۾ دنيا جي 10 بهترين ملڪن ۾ شامل آهي ۽ اقتصادي بهتري کي ڪم آڻيندي دنيا ۾ ان پيغام کي اجاگر ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ هڪ بهترين ملڪ آهي، مملڪتي وزير ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي آفيسرن کي چيو ته اهي پاڪستان ۽ ان جي عوام بابت غلط فهميون ختم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ميڊيا سان ويجها رابطا رکن، حڪومت عام راءِ جي ڊوڙ ۾ ميڊيا جي اهميت کان آگاهه آهي ۽ ان لاءِ پرڏيهي ملڪ پريس آفيسرن مان اميد آهي ته هو ملڪ جي مفاد کي نظر ۾ رکندي عالمي اهميت جي مختلف اشوز تي پاڪستان جي موقف کي واضح طور اجاگر ڪندا، هن چيو ته حڪومت تمام سٺا ڪم ڪيا آهن ۽ حڪومت جي انهن ڪاميابين کي واضح ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته جڏهن ن ليگ 2013 ۾ اقتدار ۾ آئي ته پاڪستان کي بحران گهڻا هئا، جڏهن ته 3 سالن کانپوءِ پاڪستان جي حالت اڳ کان بهتر آهي، دهشتگردي جي واقعن ۾ 85 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي، معيشت بحال ٿي آهي، غير ملڪي ناڻي جا ذخيرا پهريون ڀيرو تاريخ جي بلندين تي پهتا آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن جنهن کي بين الاقوامي برادري کي تسليم ڪرڻو پوندو، پاڪ چائنا اقتصادي راهداري موجوده حڪومت جو اهم سنگ ميل آهي جنهن سان نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي کي فائدو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *