پاڪستان جي فوج ملڪي سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي: چيف جسٽس پاڪستان

اسلام آباد: (م.ڊ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، فوج کي مخصوص حالتن ۾ آئين جي تحت سول جمهوري اداري جي مدد لاءِ طلب ڪيو ويندو آهي.رپورٽ موجب چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سان ليفٽيننٽ ڪرنل هاشم باجوه جي سربراهي ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪالج ڪوئٽه جي 49 رڪني وفد ملاقات ڪئي. چيف جسٽس وفد کي آئين ۽ آئيني ادارن جي اهميت کان آگاهه ڪيو. چيف جسٽس پاڪستان سان ملاقات دوران مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ شاگرد به موجود هئا. چيف جسٽس وفد کي ڀليڪار چيو. سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب چيف جسٽس عمر عطا بنديال وفد کي پاڪستان جي آئين، عدالتي نظام، سپريم ڪورٽ جي آئيني ذميوارين جي باري ۾ آگاهي ڏني . چيف جسٽس شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب به ڏنا. چيف جسٽس چيو ته ملڪي دفاع جي لاءِ هٿياربند فوج پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. وفد چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي يادگار شيلڊ به پيش ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *