پاڪستان جي زمين تي ڪنهن ٻئي جي جنگ نٿي وڙهي سگهي: خواجا آصف

ماسڪو سٽي(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪنهن ٻئي جي جنگ پاڪستان سر زمين تي نٿي وڙهي سگهجي. ماسڪو ۾ روسي هم منصب سان پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير خواجا آصف جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ هن وقت تڪليف ڏيندڙ صورتحال آهي ۽ اتي عداش جي وڌندڙ اثر، منشيات سان دهشتگردن کي پيسن جي فراهمي تي ڳڻتي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان واري مسئلي جو فوجي حل ممڪن ناهي پر ان مسئلي جو حل رڳو ڳالهين جي ذريعي ممڪن آهي. خواجا آصف چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گهڻو نقصان کنيو جڏهن ته عالمي امن ۾روس جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته داعش جي خاتمي لاءِ روس اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان روس سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو.  هن چيو ته ڀارت سان ڪمشير سميت سمروا معاملن ڳالهين جي ذيعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *