پاڪستان جي بيٽنگ پٽڙي تان لٿل، نيوزيلينڊ پهرين ون ڊي 70 رنسن تان کٽي ورتي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 70 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي، ويلنگٽن جي ميدان تي کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 280 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 46 اوورن ۾ 210 رنسن تي ڍير ٿي وئي، نيوزيلينڊ جي شروعات جيتوڻيڪ سٺي نه ٿي ۽ 99 رنسن جي گڏيل اسڪور تي 6 رانديگر پويلين موٽي چڪا هئا پر پاڪستاني بالنگ ان کانپوءِ پٽڙي تان لهي وئي، جنهن جو ڪيويز ڀرپور فائدو ورتو، نڪسل زبردست بيٽنگ ڪئي ۽ پاڪستاني بالرن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ففٽي هڻي ويو، هن 7 چوڪن جي مدد سان 82 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته سينٽنر ۽ هينري دونهيندار بيٽنگ ڪندي 48 -48 اسڪور ڪري ٽيم جي مضبوط ڪري ڇڏي، ان کانسواءِ ملينگهن 31 رنسون ٺاهي رٽائر ٿيو، پاڪستان طرفان محمد عامر ۽ انور علي 3-3 ۽ محمد عرفان 2 وڪيٽون ورتيون، اهڙي ريت پاڪستان کي فتح لاءِ 282 رنسن جو ٽارگيٽ مليو،پاڪستان جي شروعات به سٺي نه ٿي ۽ ٻئي اوپنر اظهر علي ۽ احمد شهزاد 37 جي گڏيل اسڪور تي آئوٽ ٿي ويا، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي بيٽنگ پٽڙي تي نه چڙهي سگهي ۽ رڳو بابر اعظم سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري،  هن 62 رنسون اسڪور ڪيون، جڏهن ته محمد حفيظ 46 بالن تي 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، عماد وسيم هڪ، سرفراز احمد 30 ۽ انور علي 16 رنسون ٺاهيون، قومي ٽيم 46 اوورن ۾ 210 رنسن تي همت هاري ويٺي، اهڙي ريت نيوزيلينڊ 70 رنسن تان ڪاميابي ماڻي، ڪيويز طرفان ٽرينٽ بولٽ 4 ۽ ايلٽ 3 شڪار ڪيا، نڪلس کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *