پاڪستان جي بهادر عوام ۽ هٿياربند فوج جون قربانيون ڪامياب ٿي چڪيون آهن: صدر ممنون حسين

ڪراچي (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جي بهادر عوام ۽ فوج جون قربانيون ڪامياب ٿي چڪيون آهن ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ڪامياب ٿي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ ترقي ۽ استحڪام جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي جنهن ۾ مختلف علوم ۽ فنون ۾ مهارت رکندڙ نوجوانن جي ذميواري ڪافي اهم هوندي صدر اها ڳالهه ڪراچي ۾ پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج ۽ نسٽ جي 72هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪئي ان موقعي تي پاڪستان نيوي جو سربراهه ايڊمرل محمد ذڪاءالله ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا صدر چيو ته پاڪستان اڄ تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺو آهي ڪجهه گمراهه ماڻهو تشدد جي ذريعي قوم تي پنهنجي غير حقيقي سوچ مڙهڻ چاهين ٿا انهن تشدد ۽ دهشتگردي جي ذريعي ڪافي نقصان پهچايو آهي ان کي چٿڻ لاءِ سخت اپائن جي ضرورت هئي پاڪستان حڪومت قدم کڻي چڪي آهي جنهن تي عمل ڪندي فوج ۽ قومي سلامتي جا ادارا ڪاميابيون ماڻي چڪا آهن هن چيو ته ڪراچي جي بدامني به قوم کي گهڻو ڏک پهچايو آهي جڏهن ته مان قوم کي خوشخبري ڏيان ٿو ته خراب ڏينهن ختم ٿي رهيا آهن هن چيو ته مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين هي ڪارروايون جاري رهنديون هن قوم کي اپيل ڪئي ته قوم هن اهم موقعي تي قومي ادارن جي ڪلهن تي بيهي رهي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي فعال ٿيندي ئي ملڪ ۾ اقتصادي ۽ تجارتي سرگرمين جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي نئين ٽيڪنالوجي ايندي نيون صنعتون لڳنديون ۽ روزگار کان نوان زريعا پيدا ٿيندا انهن موقعن مان فائدو وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان جو دارومدار بيروني دنيا تي ختم ٿي وڃي ان مقصد لاءِ اسان جي نوجوانن کي جديد ٽيڪنالوجي مهارت حاصل ڪرڻ گهرجي. ان پاڪ بحريه جي نگراني هيٺ هلندڙ ادارن ۾ عام شاگرد کي تعليم جا موقعا ملڻ جي تعريف ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سلسلي ۾ اڃا واڌارو ايندو ان موقعي تي نسٽ جو ڊائريڪٽر انجينئر محمد اصغر ۽ پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج جي ڪمانڊنٽ ڊاڪٽر نصر اڪرام پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *