پاڪستان جي بدعنوان قيادت  ڀارتي ايٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي: سراج الحق

پشاور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان جي ڪرپٽ قيادت ڀارت جي ايٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي ۽ ان جي ڪري ئي پاڪستان جو مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن سڀ کان وڏو مسئلو آهي ۽ ڪرپٽ قيادت ڀارت جي ايٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي جنهن سبب پاڪستان جو انداهو نظر اچي رهيو آهي. ان چوڻ هو ته وزير اعظم جي قومي اسيمبلي ۾ تقرير سان مسئلو حل نه ٿيندو جڏهن ته چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪميشن ٺاهڻ سان مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. عوام ملڪي دولت لٽڻ وارن جو احتساب ڪري. حقيقي احتساب لاءِ ٽي او آرز تي اپوزيشن سان ڳالهيون ۽ چيف جسٽس جي نگراني ۾ ڪميشن بڻايو ويندو. پشاور ۾ جامعه اشرفيا ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ڪرپشن پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي ۽ ڪرپشن سبب نظريه پاڪستان خطري ۾ آهي ۽ چند خاندانن جي راڄ جو خاتمو آڻڻ اڻٽر ٿي ويو آهي هن چيو ته بدقسمتي سان ڪرپٽ قيادت جي پويان عالمي اسٽيبلشمينٽ جي هجڻ سبب معاملا پنهنجي انجام تائين نه پهچي رهيا اهن هن چيو ته پانامه ليڪس ۾ شايع ٿيندڙ نالن جو احتساب بي حد ضروري آهي ۽ چيف جسٽس جي نگراني ۾ ڪميشن بنائڻ به انتهائي ضروري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *