پاڪستان جو گڏيل قومن سان رابطو، ڀارتي جارحيت روڪرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٽيليفون ڪري لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت جي لاڳيتي ڀڃڪڙين بابت آگاهي ڏني آهي، سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت کي ايل او سي تي اڳرائي کان روڪيو وڃي، بان ڪي مون جو چوڻ آهي ته ٻئي ملڪ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم نواز شريف جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کي ٽيليفون ڪري هڪ دفعو ٻيهر لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت جيلاڳيتي ڀڃڪڙين بابت آگاهي ڏني. سرتاج عزيز بان ڪي مون سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان هر قسم جي اڳرائي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر پاڪستان ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ڀارتي اڳرائي باوجود هو صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ڀارت کي به ذميواري جو مشورو ڏنو وڃي. سرتاج عزيز چيو ته ڀارت کي چڙ ڏياريندڙ قدمن کان روڪيو وڃي، سرتاج عزيز ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ بان ڪي مون کي ڀارت جي لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي اڳرائين سان ٿيل جاني ۽ مالي نقصان بابت به آگاهه ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٻئي ملڪ ڇڪتاڻ گهتائڻ لاءِ قدم کڻن..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *