پاڪستان جو والاريل ڪشمير بابت ڀارتي قدم خلاف سلامتي ڪونسل وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان والاريل ڪشيمر بابت ڀارتي قدمن جي خلاف گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڀارت پلواما جهڙو ڊرامو رچائي سگهي ٿو، ڀارت پاران والاريل ڪشمير کي اندروني معاملو قرار ڏيڻ غلط آهي، اسان 28 ملڪن کي قومي سلامتي ڪائونسل جي فيصلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، اسان هوشيار آهيون، جڏهن ته ملٽري آپشن غور هيٺ نه آهي، پاڪستان سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، گڏيل ٺهراءُ ان جي شروعات آهي، قومي سلامتي ڪميٽي جي قائم ڪميٽي ۾ سمورن ادارن جي نمائندگي آهي، چين مان واپس اچڻ کانپوءِ هن ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، ڀارت اسان کي نظرثاني ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهي ته ٻه طرف نظرثاني ڇو نه، ڪرتار راهداري بابت پنهنجي موقف تي قائم آهيون، ڀارت سان سفارتي عملي جو انگ گهٽ ڪيو ويندو، سفارتڪارن جي چرپر به محدود ڪئي ويندي، پاڪستان جي فيصلي سان افغانستان جو واپار متاثر نه ٿيندو، انڊر اسٽيڊنگ برقرار رهندي، پاڪستان پاران هوائي حدود محدود ڪرڻ جي خبر غلط آهي، خميس تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جو ضد آهي ته آرٽيڪل 370 ختم ڪرڻ ان جو اندروني معاملو آهي ۽ هي ان لاءِ ختم ڪيو آهي ته جئين والاريل ڪشمير جي عوام جي ترقي ٿي سگهي پر پاڪستان کي ان تي اعتراض ڇو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جو اهو تاثر بلڪل غلط آهي ۽ پاڪستان ان موقف کي رد ڪري ٿو، هن چيو ته والاريل ڪشمير سڄي دنيا ۾ تسليم ڪيل تڪراري علائقو آهي، ان تي سلامتي ڪونسل جا ڪافي ٺهراءَ موجود آهن جن کي بنياد بڻائي اسان ٻيهر سلامتي ڪونسل وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ رتو ڇاڻ ٿيڻ جو خدشو آهي، هن وقت اها صورتحال آهي جو 9 لک ڀارتي فوجي مقرر آهن، يعني هر هڪ گهر ٻاهران هڪ سپاهي موجود آهي، ڇا اهو به هن انهن جي فلاحي ۽ بهبود جو حصو آهي، هن چيو ته ڀارت چوي ٿو ته هي اندروني معاملو آهي پر ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم جواهر لال نهرو به چيو هو ته ڪشمير جو فيصلو ان جي عوام جي خواهش موجب ٿيندو، پرڏيهي وزير چيو ته يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه فيڊرڪا نوگريني سان ان مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته اسان کي ڳڻتي آهي ۽ چاهيون ٿا ته ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ نه وڌي. پرڏيهي وزير چيو ته يورپي يونين ڳالهيون اڳتي وڌائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي ته پاڪستان طرفان اجازت آهي، ڀارت کان پڇا ڪئي وڃي ته ڇا اهو تيار آهي، هن چيو ته جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي هئي ته پاڪستان ان جي آجيان ڪئي هئي، رد ڪنهن ڪيو ۽ اها شيءِ غور جوڳي آهي.

ٻئي طرف  وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارت جتي جتي ڪشمرين جو استحصال ڪندو پاڪستان اتي آڏو بيهي رهندو پاڪستان ڪشميرين جي حمايت لاءِ هرهڪ آپشن استعمال ڪندو پاڪستاني پارليمينٽ جي ٺهراءُ ۾ عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي ويئي قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس جا فيصلا ڪشميرين سان رشتي کي ظاهر ڪن ٿا خميس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سول ۽ عسڪري قيادت ڪشميرين جي سڏ ۾ سڏ ڏنو هن چيو ته ملڪي قيادت ڪشميرين سان مڪمل ٻڌي جو اظهار ڪيو هن چيو ته ملڪي قيادت دنيا کي پيغام ڏنو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي هن چيو ته قائداعظم جي ٻه قومي نظريي سان اختلاف ڪندڙ اڄ سمجهي چڪا هوندا هن چيو ته قائداعطم هندو سوچ کي سمجهي ورتوهو اڄ ڀارت اقليتن خاص ڪري مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ميڊيا تي مڪمل پابندي هڻي ڇڏي آهي هن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلم دنيا آڏو آڻڻ نه پيو ڏي هن چيو ته ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جي تحريڪ بڻجي سامهون آئي آهي هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي حمايت لاءِ هر آپشن استعمال ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *