پاڪستان جو جسٽن بيبر عاصم اظهر تي ڪنسرٽ دوران جوتي سان حملو

 

ڪراچي: (شوبز نيوز) پاڪستان ۾ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن کان پوءِ هاڻ گلوڪار عاصم اظهر تي به ڪنسرٽ جي دوران مداح طرفان جوتو اڇلايو ويو.مشهور گلوڪار عاصم اظهر کي ننڍي ۾ عمر ۾ ئي ڪافي شهرت حاصل ڪندڙ گلوڪارن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي تازو ئي هڪ دوري جي دوران عاصم اظهر سان جوتو اڇلڻ جو ناخوشگوار واقعو پيش آيو پر خوشقسمتي سان اهو ان کي نه لڳو.سوشل ميڊيا تي گلوڪار جي ڪنسرٽ جي هڪ وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ عاصم اظهر اسٽيج تي پرفارم ڪندي ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته اوچتو مداحن جي طرف کان ان تي جوتو اڇليو ويو. عاصم اظهر تي اڇليل جوتو خوشقسمتي سان ان کي نه لڳو پر ان ناخوشگوار واقعي جي ڪري سوشل ميڊيا تي ان جا مداح سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.واضح رهي ته گلوڪار عاصم اظهر کي پاڪستان جي جسٽن بيبر جي نالي سان به سڃاتو ويندو آهي. ان جي مشهور ترين گانن مان هڪ ڪوڪ اسٽوڊيو جو(تيرا وه پيار)  گانو آهي جنهن کي يو ٽيوب تي 13 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *