پاڪستان جو ايٽمي پروگرام رول بيڪ نه ٿيندو، پاڪستان تي 68 ڏهائي 5 ارب ڊالرز جو قرض آهي: اسحاق ڊار

اسلام اباد (بيورو) اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام رول بيڪ نه ٿيندو، پاڪستان تي 68 ڏهائي 5 ارب ڊالرز جو قرض آهي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته  اڪستان جو ايٽمي پروگرام رول بيڪ نه ٿيندو، پاڪستان تي 68 ڏهائي 5 ارب ڊالرز جو قرض آهي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ شرمين عبيد چنائي کي آسڪر ايوارڊ کٽڻ تي ڀيٽا وارو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جيڪو سينيٽر نسرين جليل پيش ڪيو. ان موقعي تي پاليسي بيان ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي ايٽمي پروگرام جو تحفظ ڪندو. سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو ايٽمي پروگرام رول بيڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهياآهن، انهن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. اسحاق ڊار چيو ته ضرب عضب آپريشن سبب عارضي متاثر ٿيندڙن جي بحالي لاءِ فنڊن جي ڪا کوٽ ناهي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم کان 5 ڏهائي 23 ارب ڊالرز جو قرض ورتو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته هنن جڏهن 2013 ۾ حڪومت سنڀالي ان وقت پاڪستان تي 61 ارب ڊالرز جو قرض هو. اسحاق ڊار چيو ته حڪومت طرفان سموريون ادائيگيون وقت تي ڪيون پيون وڃن، پوئين حڪومت جو قرض به ادا ڪيو ويو آهي.سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اعتزاز احسن خطاب ڪندي ناڻي واري وزير جي تقرير کي لفظن جو گورک ڌنڌو قرار ڏنو. هن چيو ته اڄ اعتزاز احسن سنجيده هو، ڪٿي به نه کليو، پر هو تڏهن کلندو آهي جڏهن سندن حڪومت کي قرض ملندو آهي.اعتزاز احسن چيو ته هو سينيٽ ۾ اقتصادي صورتحال تي بحث چاهن ٿا، ايندڙ هفتي ان بابت اسحاق ڊار کان سوال ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *