پاڪستان جا اڌ ايٿليٽس ٽوڪيو اولمپڪس مان ٻاهر

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڌ ايٿليٽس جاپانا ۾ جاري ٽوڪيو اولمپڪس مقابلن مان ٻاهر ٿي ويا آهن. ٽوڪيو اولمپڪس ۾ شريڪ 10 رانديگرن مان 5 ميڊل کٽڻ کانسواءِ ئي واپس ٿيا. ٽوڪيو اولمپڪس ۾ سڀ کان پهريان آئوٽ ٿيندڙ پاڪستاني شوٽر گلفام جوزف هو، جنهن 10 ميٽر ايئر پسٽ ۾ شرڪت ڪئي، 36 شوٽرز مان 8 شوٽرز فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو. پاڪستاني شوٽر گلفام 600 مان 578 شوٽ نشان تي هنيا، ايترا ئي پوائنٽس چين ۽ سربيا جي شوٽر به حاصل ڪئي، جنهن جو مقابلو برابر ٿي ويو هو، پر تمام گهٽ فرق سان پاڪستاني شوٽر فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيو ۽ کيس نائين پوزيشن ملي. اولمپڪس مقابلن ۾ پهريون ڀيرو بيڊمنٽن ۾ انٽري ڏيندڙ ماحور شهزاد هڪ ميچ به کٽي نه سگهي. ويٽ لفٽر طلحهٰ طالب به ميڊل نه کٽي سگهيو، پر ان شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو پر ميڊل نه کٽي سگهيو. سوئمر حسيب طارق 100 ميٽر فري اسٽائل جي هيٽ ٽو ۾ انٽري ڏني ۽ 72 سوئمرز مان سندس نمبر 62هون نمبر رهيو. جوڊو ۾ ميڊل جي اميد شاهه حسين شاهه جو مقابلو عالمي نمبر 13هين نمبر تي موجود مصر جي رمضان درويش سان هو. باقي رهجي ويل 5 ايٿليٽس ۾ سوئمر بسمه خان اڄ فري اسٽال ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندي. پهرين آگسٽ تي خليل اختر ۽ غلام شبير 25 ميٽر ريپڊ فائر پسٽل ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو. نجمه پروين 2 آگسٽ کي 200 ميٽر ريس م حصو وٺندا، جڏهن ته 4 آگسٽ تي ارشد نديم جيولن ٿرو ۾ ايڪشن نظر ايندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *