پاڪستان تازو ڄاول ٻارڙن جي موتن ۾ دنيا جو بدترين ملڪ قرار

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي ٻارڙن بابت اداري يونيسيف پاڪستان کي تازن ڄاول ٻارڙن جي موتن جي لحاظ کان بدترين ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي اداري يونيسيف سڄي دنيا ۾ تازو ڄاول ٻارڙن جي موتن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت پاڪستان  ۾ تازو ڄاول ٻارڙن جا موت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هر 22 مان هڪ ٻار پيدائش جي پهرين ئي ڏينهن موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان، افغانستان ۽ سينٽرل آفريڪن ريپبلڪن ۾ تازو ڄاول ٻارڙن جي زنده رهڻ جا امڪان سڀ کان گهٽ آهن.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جاپان، سنگاپور ۽ آئس لينڊ ۾ پيدا ٿيل ٻارڙن کي ان معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ خوقسمت قرار ڏئي سگهجي ٿو.  عالمي اداري موجب پاڪستان تازو ڄاول ٻارڙن جي موتن جي معاملي ۾ شديد چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.  رپورٽ موجب غريب ملڪن ۾ تازو ڄاول ٻارڙن ۾ موت امير ملڪن جي مقابلي ۾ 50 سيڪڙو وڌيڪ آهن. خابرو اداري اي ايف پي  موجب يونيسيف جي گلوبل ميٽرنٽي اينڊ نيو بورن پروگرام جي سربراهه ولي بالڊ زيڪ جو چوڻ آهي ته صحت جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ هڪ مهانگو عمل آهي تنهن ڪري مالي وسيلن کي درست نموني استعمال ڪرڻ اڻٽر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *