پاڪستان بيلاروس سان واپارسوڌوسمورن شعبن ۾ ويجها لاڳاپا چاهي ٿو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان واپار، معيشت، دفاع ۽ ثقافت سميت سمورن شعبن ۾ ويجهن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن هتي بيلاروس جي صدر اليگزينڊر  لوڪاشينڪو سان ملاقات ۾ هن چيو ته سندس دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٺوس سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ وٺرائڻ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد نواز شريف بيلاروس جي صدر جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ۽ ساڻس خصوصي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ ٺوس ٻطرفا معاملا شامل هئا. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي ماضي ۾ وڌندڙ مٽاسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٻطرفن دورن جي مٽاسٽا ۾ وڌيڪ اضافي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي پارليامينٽرينز جي وچ ۾ رابطن جي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي ڇو ته انهن جي وچ ۾ باقاعده رابطا ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻو ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ وڏا فائديمند آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازو ٻطرفو واپار 60 ملين ڊالر آهي جيڪو اصل واپاري صلاحيت موجب نه آهي. هن چيو ته واپار ۾ وڌيڪ اضافي جي ضرورت آهي اسان کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل واپاري ايوانن جي وچ ۾ ويجهي رابطن جي ضرورت آهي جنهن سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل، زرعي اوزار، هيوي مشينري، ٽائيلز، فارماسيوٽيڪل، ڊيري پراڊڪٽس ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ اقتصادي لاڳاپن ۾ اضافي جا وڏا امڪان آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بيلاروس سان دفاعي شعبي ۾ پنهنجي تعاون ۾ اضافو چاهي ٿو. هن چيو ته اسان کي تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺڻ گهرجي. وزيراعظم بيلاروس جي صدر جي والده جي لاڏاڻي تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري وئي هئي ۽ ان سبب ئي بيلاروس جي صدر جي دوري جي ٻيهر تاريخ مقرر ڪئي وئي. بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي. بيلاروس جي صدر سان گڏ هڪ وڏو وفد دوري تي آيل آهي جنهن ۾ نائب وزيراعظم سيماشڪو ولادي مير، پرڏيهي وزير مڪي ولادي مير، بيلاروس جي صدر جو معاون برليوف ويلري، نيشنل اڪيڊمي آف سائنس جو سربراهه گساڪوف ولادي مير، صنعت وارو وزير ووڪ ويٽالي، زراعت وارو وزير زياٽس ليونڊ، ملٽري انڊسٽري ڪميٽي جو سربراهه گروليو سرگئي شامل هئا. سندس وفد ۾ بيلاروس جي سفير ارمولوچ اندري، مشينري هولڊنگ جي ڊائريڪٽر شاڪوتن اليگزينڊر، بيلاروس چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ڊائريڪٽر مياتلي ڪوف ميخائل، ريجنل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ڊپٽي چيئرمين نيڪرا شيووچ وڪٽر، بيلاروس رشين لائٽ انڊسٽري ڪنسرن جي ڊائريڪٽر ايفيم چڪ نيڪولائي، منسڪ ٽريڪٽر ورڪس جي ڊائريڪٽر ڊوموٽيڪو فيڊل به شامل هئا. وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران وزيراعظم نواز شريف جي رهنمائي واپار واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين، ناڻي واري وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات واري وزير پرويز رشيد، قومي سلامتي بابت صلاحڪار سرتاج عزيز، پرڏيهي معاملن بابت خصوصي معاون طارق فاطمي، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين مفتاح اسماعيل ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *