پاڪستان بنگلاديش جي سياسي ڪائونسلر موشومي رحمان کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ مقرر سياسي ڪائونسلر موشومي رحمان کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم،موشومي رحمان کي اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏيندي 72 ڪلاڪن اندر پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو.تفصيل مطابق پاڪستان جي حڪومت ملڪ دُشمن سرگرمين ۾ ملوث بنگلاديش جي سياسي ڪائونسلر موشومي رحمان نالي عورت کي اڻوڻندڙ عورت قرار ڏيندي 72 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.موشومي رحمان پاڪستان ۾ بنگلاديشي سفارتخاني جي هيڊ چانسلر به آهي،ذريعن مطابق پاڪستان جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر  کي گهرائي کيس موشومي رحمان کي ملڪ مان  نيڪالي ڏيڻ بابت ڄاڻ ڏني.يادرهي ته گذريل سال 23 ڊسمبر تي بنگلاديش ۾ مقرر پاڪستاني سفارتڪار فارينه ارشد کي اڻوڻندڙ عورت قرار ڏئي ملڪ مان نيڪالي ڏئي پاڪستان موڪلي ڇڏيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *