پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان ڀارت ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب شرڪت کان معذرت

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان ڀارت ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر سيد سلطان شاهه موجب ايشيا ڪپ 17 کان 24 جنوري 2016ع تائين ڀارت جي شهر ڪوچي ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ 5 ملڪن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، جن ۾ پاڪستان، سريلنڪا، بنگلاديش، نيپال ۽ ميزبان ڀارت شامل آهن پر ڀارت ۾ تازن سيڪيورٽي خدشن سبب پاڪستان ايشيا ڪپ ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀارت کي ان حوالي سان باضابطه طور آگاهه پڻ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڀارت سان جڏهن به لاڳاپا بهتر ٿيندا ڪرڪيٽ ٻيهر بحال ٿيندي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 2011ع ۽ 2014ع ۾ پاڪستان ۾ ون ڊي ۽ ٽي 20 جي سيريز منعقد ٿي هئي جنهن ۾ ڀارت جي ٽيم شرڪت ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *