پاڪستان برطانيا پوليس کي عمران فاروق قتل ڪيس جي جوابدار کان جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ مدد لاءِ برطانيا جي درخواست آئي آهي.پاڪستان هڪ جوابدار کان پڇا ڳاڇا جي اجازت ڏئي پڏي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس جي حوالي سان برطانيا سان رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته قتل ڪيس جي صورتحال ساڳي آهي جيڪا اڳ ميڊيا کي ٻڌائي هئي. چوڌري نثار چيو ته قتل ڪيس ۾ ٽي اهم جوابدار گرفتار ٿيل آهن. گهرو وزير چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ سهڪار ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چمن مان گرفتار ڪيل ٻه جوابدار ايف سي جي تحويل ۾ آهن. عمران فاروق قتل ڪيس ۾ متحده مڪمل سهڪار ڪيو آهي. هن چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس پاڪستان ۾ رجسٽرڊ نه ٿيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم عمران فاروق جي قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ چاهي ٿي ۽ هينئر تائين هن سهڪار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪيس ۾ گهربل گرفتار جوابدار برطانيا پوليس کي گهربل آهن. گهرو وزير چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ برطانيا کي هڪ جوابدار کان پڇا ڳاڇا جي اجازت ڏني آهي. چوڌري نثار علي چيو ته ميٽرو پوليٽن پوليس هلندڙ هفتي پاڪستان ايندي. هن چيو ته عمران فاروق جي قتل جي اڻ ڌري جاچ ٿيڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار چيو ته ماڊل ايان علي ڪيس ڪسٽم انٽيليجنس جي دائري ۾ اچي ٿو. هن واضح ڪيو ته ڏسي رهيا آهيون ته ايان علي ڪيس ۾ ڪو رخ رهجي ته ناهي ويو. هن چيو ته ايان علي ڪيس جي باري ۾ سڀاڻي گڏجاڻي ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڏسڻو آهي ته ايان علي جي پٺيان ڪنهن جو هٿ ۽ پئسو ڪنهن جو آهي هن چيو ته زرداري مڃي يا نه مڃي هن فوج خلاف تقرير ڪري غلطي ڪئي. هن چيو ته ليڊر شپ قوم سامهون غلط لفظن جو استعمال ناهي ڪندي. ٻئي پاسي اسڪاٽ ليند يارڊ تصديق ڪندي چيو آهي ته هو پاڪستان سان رابطي ۾ آهن ۽ سندن ٽيم جلد پاڪستان ويندي. ترجمان مطابق عمران فاروق قتل ڪيس جي جاچ سندن ذميداري آهي. هن چيو ته ڪيس ۾ اهم اڳڀرائپ ٿي آهي، جنهن بابت جلد قوم کي آگاهه ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *