پاڪستان اڃا سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ ٺهيل 34 ملڪي فوجي اتحاد ۾ شامل ناهي ٿيو:سرتاج عزيز

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان اڃا تائين سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ ٺهيل 34 ملڪي فوجي اتحاد ۾ شامل ناهي ٿيو، هن اهڙو اظهار قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائينديڪيو، اجلاس دوران پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جو چوڻ هو ته داعش خلاف سعودي قيادت ۾ ٺهيل اتحاد ۾ پاڪستان شامل آهي پر شام، عراق ۽ ايران ان ۾ شامل ڇو ناهن؟ تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي فوجي اتحاد جي جوڙجڪ جي ڄاڻ ناهي ته پوءِ پاڪ فوج جي جوانن کي مشقن لاءِ سعودي عرب ڇو اماڻيو ويو؟ سعودي فوجي اتحاد ۽ فوجي مشقن ۾ شامل ٿيڻ بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان اڃا تائين سعودي اتحاد ۾ شامل ناهي ٿيو، فوجي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڌيڪ تفصيل ۽ ٽيڪنيڪل صلاح مشورا گهربل آهن. سندس چوڻ هو ته اسلامي اتحاد 6 نقطن تي گڏيل قدم کڻندو، جڏهن ميمبر ملڪن جو اجلاس ٿيندو ته ايران ۽ عراق جي شامل ٿيڻ وارو معاملو به غور هيٺ ايندو، هن چيو ته سعودي عرب سان دفاعي ٺاهه هيٺ پاڪ فوج 20 ملڪن جي گڏيل مشقن ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ فوجي سکيا ڏيڻ لاءِ سعودي عرب ۾ موجود آهن، جڏهن ته سعودي فوج کي پاڪستان ۾ به سکيا ڏني ويندي آهي. سرتاج عزيز چيو ته سعودي عرب جي خودمختياري ۽ سلامتي کي خطري جي صورت ۾ سڄو پاڪستان پنهنجي ڀاءُ اسلامي ملڪ سان گڏ بيٺل هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *