پاڪستان او اي سي ڊي ملٽي ليٽرل ڪنوينشن جو 104 هون ميمبر بڻجي ويو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد(بيورو)  ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته پاڪستان او اي سي ڊي ملٽي ليٽرل ڪنوينشن جو 104 هون ميمبر بڻجي ويو آهي، ايندڙ سال جي آخر تائين اسان کي ٽيڪس لڪائڻ جي باري ۾ معلومات ملي سگهندي. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي سوئٽزرلينڊ کان ٽيڪس جي حوالي سان ڄاڻ جي لاءِ ٺاهه تي ڪم شروع ڪيو آهي، ان پاران ايم او ايف ۽ ٽيڪس ڇوٽ جي ڊمانڊ هئي، هيستائين ان تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي، پارليامينٽ مان منظوري ورتي ويندي آهي، اسان ڪابينا مان منظوري ڏني آهي، 2017ع جي وچ ڌاري ان تي صحيحن جا امڪان آهن، پاڪستان ملٽي ليٽرل ڪنوينشن جي ميمبرشپ ورتي آهي، ان جا 103 ميمبر آهن، 14 سيپٽمبر تي اسان ان تي صحيحون ڪنداسين، پاڪستان او اي سي ڊي جو 104 هون ملڪ آهي، هن چيو ته اميد آهي ته ايندڙ سال جي آخر تائين هي آپريشنل ٿي ويندي ته پوءِ اسان کي ٽيڪس لڪائڻ جي بابت ڄاڻ ملي سگهندي، هي آڇ 2011ع کان هئي، تنهن هوندي به هي ڪريڊٽ اسان جي حڪومت ڏانهن وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *