پاڪستان انڊر نائنٽين نيوزيلينڊ خلاف ٻن ميچن واري سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ ٻن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ برسات جي نذر ٿي وئي جنهن کانپوءِ پاڪستان سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.ڪرائسٽ چرچ ۾ شديد برسات جي ڪري نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي انڊر 19 ٽيمن جي وچ ۾ ميچ التوا جو شڪار رهي پر برسات نه رڪجڻ سبب ميچ کي ختم ڪيو ويو. پاڪستان اڳ ئي ميزبان ٽيم کي پهرين ميچ ۾ شڪست ڏئي چڪو هو جنهن کانپوءِ گرين شرٽس ٻن ميچن جي سيريز ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.واضح رهي ته نيوزيلينڊ ۾ هلندڙ مهيني انڊر 19 ورلڊ ڪپ شروع ٿيندو جنهن لاءِ 15 رڪني پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *