پاڪستان امن ۽ ترقي جي هاڪاري رستي ڏانهن وڌي رهيو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان امن ۽ ترقي جي هاڪاري رستي ڏانهن وڌي رهيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي، جنهن ۾ جيو اسٽريٽيجڪ ۽ ڀارت، افغانستان، ايران سميت علائقائي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ان کانسواءِ ڪانفرنس ۾ قومي سلامتي جي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته آرمي چيف ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ قومي معيشت کي مضبوط ۽ بهتر بڻائڻ جي ڏکين پر انتهائي ضروري حڪومتي قدمن بابت آگاهه ڪيو. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪستان امن ۽ ترقي جي هاڪاري رستي ڏانهن وڌي رهيو آهي، ملڪ پائيدار امن ۽ خوشحالي جي هاڪاري رستي تي اڳتي وڌندو رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *