پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، آزادي ۽ خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو: نواز شريف

لاهور (م.ڊ) وزيراعظم محمد نواز شريف صاف انداز ۾ واضح ڪيو آهي ته پاڪستان اندروني ۽ ٻاهرين ٻنهي لحاظن کان امن ۽ آتشي جو خواهشمند آهي تنهن هوندي به پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو، حڪومت بحري حوالي سان ان خطي ۾ ٿيندڙ تبديلين کان غافل نه آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ قومي معاملن کان به چڱي ريت آگاهه آهي، پاڪ بحريه هڪ قابل فخر قومي ادارو آهي، بحري حدن جي حفاظت ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ پاڪ بحريه جي ضرورتن کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن هتي پاڪستان نيوي وار ڪاليج بلڊنگ نيول ڪمپليڪس والٽن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي چيف نيول آف اسٽاف ايڊمرل ذڪاءُ الله، ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول وار ڪاليج، جنرل فليگ اينڊ ايئر آفيسرز به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پنهنجي بقاءُ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ هي هڪ فيصلي جو دور آهي، اسان جي بهادر هٿياربند فوج انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي لعنت کي سدائين جي لاءِ ختم ڪرڻ جي لاءِ جنگ ۾ مصروف آهي. ان جنگ ۾ هو بي مثال قربانيون پيش ڪري رهي آهي جنهن تي پوري قوم کي فخر آهي، وزيراعظم چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين ٻنهي حوالن سان پاڪستان امن ۽ آشتي جو خواهشمند آهي ته جيئن اسان جي معيشت ۽ معاشرت کي ترقي حاصل ٿئي ڇو ته اسان جن قومي مقصدن جو تعين ڪيو آهي اهي ڪنهن قسم جي بدامني جي هوندي حاصل نٿا ڪري سگهجن، هن واضح ڪيو ته اسان پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪنداسين. هن يقين ڏياريو ته مسلسل عمل، محنت ۽ ڀرپور ڌيان سان طئي ٿيندڙ مقصد ضرور پورا ڪيا ويندا ۽ تمام جلد نتيجا اسان سڀني جي سامهون هوندا. وزيراعظم واضح ڪيو ته سامونڊي واپار جو هڪ وڏو حصو بحر هند تي ڀاڙي ٿو ۽ اسان بحري رستن جو تمام اهم حصو آهيون، جنهن ۾ ڪنهن قسم جو رخنو عالمي معيشت ۽ عالمي امن کي بري طرح متاثر ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان اسٽريٽجڪ لحاظ کان بحيره عرب جي مرڪز ۾ واقع آهي جنهن ۾ ٽن براعظم ۽ ان ۾ واقع 50 ملڪ لاڳاپيل آهن جن ۾ ساحلي ۽ غير ساحلي ملڪ شامل آهن. انهن ملڪ ۾ سماجي، ماحولياتي ۽ سياسي عدم توازن جا اثر پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام تي به ٿي سگهن ٿا جنهن کي نظر ۾ رکندي ان خطي ۾ اسان پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار رهون ٿا. وزيراعظم ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪ بحريه کي عملي طور تي هڪ تمام موثر ۽ قابل اعتماد قوت جي طور تي تسليم ڪيو ويندو آهي جنهن سان انفرادي سطح تي ۽ گڏيل سهڪار سان گڏ بحري مشقن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان نيوي جي سي ٽي ايف 150 ۽ سي ٽي ايف 151 جي بحري مشقن ۾ شرڪت کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي. ويسٽرن پيسفڪ نيول سيلپوزيم ۽ انڊين اوشن نيول سيلپوزيم جهڙن عالمي فورم ۾ شرڪت ۽ امن مشقن جو انعقاد پاڪستان نيوي جا واکاڻ جوڳا قدم آهن جڏهن ته انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس منعقد ڪري پاڪستان نيوي واکاڻ جوڳو قدم کنيو آهي. هن چيو ته اهڙا قدم علائقائي ۽ قومي حوالي سان بحري معاملن تي اسٽيڪ هولڊرز لاءِ هڪ متفقه حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. انهن قدمن جي ڪري پاڪستان جي بحري فوج جو هڪ مثبت تاثر دنيا کي ملي ٿو جيڪو ملڪي پرڏيهي پاليسي ۽ سفارتڪاري جي لاءِ به ڪارآمد ثابت ٿيندا آهن. وزيراعظم نواز شريف چيو ته کيس هي ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته پاڪستان نيوي ڪراچي شپ يارڊ ۾ مقامي طور تي وڏي جنگي جهاز ۽ تيزي سان حملا آور ٿيندر ڪرافٽ تيار ڪري رهي آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مقامي سطح تي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي ذريعي سهڪاري عمل سان تعمير تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته پاڪستان نيوي تازو ئي قومي ميري ٽائيم پاليسي جوڙي آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي جيڪو پاڪستان جي ميري ٽائيم نظريي ۽ قومي ميري ٽائيم حڪمت عملي جي وضاحت به ڪندي. انهن خدمتن کي قومي سطح تي سدائين قابل قدر حيثيت حاصل رهندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان عمل سان پاڪستان ميري ٽائيم ڪلچر فروغ حاصل ڪندو. هن قومي ميري ٽائيم برادري کي خاطري ڪرائي ته حڪومت بحري حوالي سان ان خطي ۾ ٿيندڙ تبديلين کان غافل نه آهي ۽ ان جي نتيجي جي سامهون ايندڙ قومي معاملن کان به چڱي ريت آگاهه آهي. وزيراعظم چيو ته پلاننگ ڪميشن پاڪستان جي لاءِ هڪ ميري ٽائيم ويزن جوڙي رهيو آهي. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان جي پهرين شپنگ پاليسي به سندس وزارت عظميٰ جي پهرين دور ۾ بڻائي وئي هئي. وزيراعظم ٻڌايو ته حڪومت گوادر پورٽ کي جلد کان جلد پوري طرح فعال بڻائڻ جي لاءِ سرگرم عمل آهي. گوادر کان شغر شاهراهه جي تعمير جو منصوبو به شروع ڪيو پيو وڃي. پاڪ چائنه اڪنامڪ ڪوريڊور جي حوالي سان ڪيترائي منصوبا عمل هيٺ آهن جيڪي پنهنجي اهميت ۽ ماليت جي لحاظ کان قابل ذڪر حيثيت رکندڙ آهن. نئين ايئرپورٽ، ايڪسپريس وي ۽ گوادر ۾ بجلي گهر جي تعمير جو مثال پيش ڪندي هن چيو ته معيار جي اعتبار سان گوادر کي عالمي سطح جي بندرگاهه بڻايو وڃي جنهن تي اعليٰ پيماني تي مواصلاتي سهولتن، معاونت ۽ شهري سهولتون دستياب هجن. هي بندرگاهه پاڪستان جي بحري، واپاري ۽ معاشرتي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پوري خطي ۾ ترقياتي عمل کي تيز ڪندو. وزيراعظم پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور جي عمارت جي افتتاح تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته کيس يقين آهي ته ان پروقار عمارت ۾ پاڪستان نيوي جي وڌندڙ تربيتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي خاطر خواه گنجائش موجود آهي. هن چيو ته ساحل کان تمام گهڻو پري هي عمارت لاهور ۾ واقع هجڻ جي باوجود پاڪستان نيوي جي صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ بهترين ڪردار رکندي هوندي. هي صلاحيت پاڪستان جي ساحلي سرحدن جي نگراني ۽ حفاظت جي ضامن هوندي.، وزيراعظم ان خاطري جو اظهار ڪيو ته پاڪستان نيوي وار ڪاليج جي نئين سر تعمير جديد عمارت تاريخي اعتبار سان مثالي روايتن جي بنيادن تي تعمير ڪئي وئي آهي جيڪا قوم جي بحري مفادن ۽ وسيع تر مقصدن جي پڄاڻي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان نيوي وار ڪاليج دوست ملڪن جي آفيسرن کي تربيت فراهم ڪري انهن رشتن کي مستحڪم ڪندو جيڪو اسان جي پرڏيهي لاڳاپين لاءِ اهميت رکن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ بحري معاملن جي حوالي سان علمي حلقن به آگاهي کي فروغ ملندو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته هو ان ڳالهه کان چڱي ريت آگاهه آهي ته پاڪستان نيوي جي ضرورتن جي مقابلي ۾ وسيلا ناڪافي آهن تنهن هوندي به هن خاطري ڪرائي ته بحري حدون جي حفاظت ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ پاڪ بحريه جي ضرورتن کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪيو ويندو ۽ وسيلن جي فراهمي ضرور هوندي ڇو ته هي وقت جي گهرج آهي ۽ پاڪستان نيوي اسان جو هڪ قابل فخر ادارو آهي. وزيراعظم چيف آف نيول اسٽاف، پاڪستان نيوي جي آفيسرن ۽ سيلرز کي مبارڪباد پيش ڪئي جنهن مختصر وقت ۾ ان واکاڻ جوڳي منصوبي جي تڪميل کي ممڪن بڻايو. ان کان اڳ وزيراعظم تختي جو پردو هٽائي پاڪستان نيوي وار ڪاليج جي عمارت جو افتتاح ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *