پاڪستان افغانستان لاءِ پنهنجي فضا ۽ زمين جي استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي: پينٽاگون

واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪا جي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون جي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان آمريڪي فوج کي افغانستان ۾ موجودگي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ فضائي حدن ۽ زمين جي استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اهڙي دعويٰ انڊوپيسيفڪ افيئرز لاءِ آمريڪا جي بچاءَ واري نائب وزير ڊيوڊ ايف هيلوي گذريل هفتي آمريڪي آرمڊ سروسز ڪميٽي کي بريفنگ دوران ڪئي. رپورٽ موجب ڊيوڊ هيلوي جو چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان سان ڳالهيون جاري رکندو، ڇو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو ڪردار ڏاڍو اهم آهي. سندس موجب پاڪستان افغانستان ۾ آمريڪي موجودگي ۾ مدد لاءِ پاڪستان مٿان فلائيٽ ۽ زمين جي استعمال جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي. واضح رهي ته آمريڪا طالبان معاهدي موجب آمريڪي فوج کي افغانستان مان مئي تائين نڪرڻو هو پوءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن اعلان ڪيو ته پهرين مئي کان آمريڪي فوج نڪرڻ شروع ٿيندي ۽ اهو عمل 11 سيپٽمبر تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي کي 20 سال پورا ٿيڻ تي مڪمل ٿي ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *