پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن سياست کان پاڪ آهي پر رانديگر محنت ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھن ٿا : جان شير

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)اڳوڻي عالمي چيمپئين (اسڪوائش) جان شير خان چيو ته پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن سياست کان پاڪ آهي پر رانديگر محنت ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھن ٿا اهڙن خيالن جو  اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائنيدي ڪيو، 10 سالن تائين دنيا تي حڪمران ڪندڙ جان شير خان چيو ته هن وقت پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن سياست کان پاڪ  آهي ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته پاڪستان ايئرفورس هن  راند جي سرپرستي ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن جو صدر ايئرچيف مارشل سهيل امان ملڪ ۾ اسڪوائش کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهي ۽ مان به هن فيڊريشن سان گڏ ڪم ڪرڻ تي فخر  ڪري رهيو آهيان، هن چيو ته ملڪ ۾ ٽيلنٽ جي ڪم ناهي ضرورت ان    ڳالهه جي آهي ته  رانديگر محنت ڪن ۽ ڪوچز ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان رانديگرن جي رهنمائي ڪن ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان اسڪوائش ۾ وڃايل مقام ٻيهر  حاصل نه ڪري سگھي، ڪو چ هڪ استاد جو درجو رکي ٿو جيڪڏهن رانديگر دلچسپي نه وٺندو ته ڪوچ به ڀلا ڇا ڪري سگھندو.  هن چيو ته اسڪوائش  تان منهنجي رٽائر ٿيڻ جي 17سالن کانپوءِ به اڄ تائين پاڪستان اسڪوائش ۾ اهڙو ڪو به رانديگر ناهي آيو جيڪو عالمي نمبر ون رينڪنگ ۾ پهتو هجي ان جو اهو ئي سبب اهي ته رانديگر محنت نه پيا ڪن ۽ اسان جي دور ۾ هڪ ٽورنامينٽ کٽڻ کانپوءِ ٻي ٽورنامينٽ لاءِ وڌيڪ سخت محنت ڪندا هيا سين ته ايندڙ  ٽائيٽل به پنهنجي نالي ڪري سگھجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *