پاڪستان اسٽيل ۽ پي آءِ اي خساري ۾ آهن، مستقل حل نجڪاري آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عدالت جي فيصلي تي دل سان عمل ڪيو، هٿيار رکڻ هر شهري جو حق آهي پر آٽوميٽڪ هٿيار رکڻ نه، ڪراچي ۽ فاٽا ۾ امن امان جي صورتحال تمام بهتر آهي، وزيراعظم چيو ته ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ منهنجي ترجيح آهي، حڪومت جي ڪارڪردگي جو فيصلو عوام چونڊن ۾ ڪندو، اڳوڻي وزيراعظم جي وڃڻ سان ملڪ ۽ معيشت تي اثر پيو، 2018 ۾ 2013 کان تمام بهتر پاڪستان ڇڏي وينداسين، وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو مسلسل عمل آهي، هن چيو ته شريف خاندان ۾ اختلاف رڳو افواهون آهن، ان ۾ ڪا سچائي ناهي، رياض پيرزاده کي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڳالهه ڪرڻ گهربي هئي، رياض پيرزاده جي راءِ جو احترام آهي، ان کي پنهنجي راءِ جو حق آهي، وزيراعظم چيو ته آٽوميٽڪ هٿيار ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، قدم کڻي رهيا آهيون، عوام عدالتي فيصلي کي تسليم نٿو ڪري، تاريخ فيصلو ڪندي، غير جمهوري فيصلن جا اثر فوري اچڻ شروع ٿي ويندا آهن، هن چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي مجموعي هوندي آهي، فيصلو عوام ڪندو آهي، وزارت عظميٰ جو اميدوار بڻائڻ نواز شريف ۽ پارٽي جو فيصلو هيو، هن چيو ته شريف خاندان يا مسلم ليگ ن ۾ اختلافن جون خبرون بي بنياد آهن، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سياسي جماعت ۾ هر قسم جي خيالن جي گنجائش هوندي آهي، پي آءِ اي به خساري ۾ هلي رهيو آهي، پاڪستان اسٽيل ۽ پي آءِ اي جو مستقل حل نجڪاري آهي، ڪابينا جي ميمبرن جو انگ وزيراعظم جو فيصلو هوندو آهي، پاڪستان اسٽيل جو خسارو ڪافي حد تائين گهٽ ڪيو آهي، ڀارت جا پاڪستان بابت ناپاڪ ارادا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *