پاڪستان اسٽيل ملز سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملازمن جي رهتن جي مد ۾ 11 ارب 68 ڪروڙ رپيا جمع ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽيل ملز سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملازمن جي رهتن جي مد ۾ 11 ارب 68 ڪروڙ رپيا جمع ڪرائي ڇڏيا. پاڪستان اسٽيل جي رٽائرڊ ۽ برطرف ملازمن لاءِ سٺي خبر آهي ته انهن جي رهتن جي مد ۾ 11 ارب 68 ڪروڙ رپين جي رقم سنڌ هاءِ ڪورٽ وٽ جمع ڪرائي ڇڏي. 3300 ملازمن کي 20 ڊسمبر کان رهتن جي ادائيگي شروع ٿي ويندي. پاڪستان اسٽيل ملز جي وڪيل عدالت کي تفصيل ٻڌائي ڇڏيا، جنهن موجب جن کي ادائيگي ڪئي ويندي، انهن ۾ 1981 کان 18 مئي 2020 تائين رٽائرڊ ملازم شامل آهن، جڏهن ته 3300 ملازمن ۾ برطرف ۽ لاڏاڻو ڪري ويل ملازم به شامل آهن. واضح رهي ته رٽائرڊ ملازمن طرفان رهتن جي عدم ادائيگي بابت درخواست عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *