پاڪستان۾  ڪورونا وگھي وڌيڪ 102 مريض فوت، فوتگيون20 ھزارن کان ٽپي ويون

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 102 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا جنهن کان پوءِ وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 20 هزار کان ٽپي ويو. پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 51528 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 3070 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 102 فوتگيون به ٿيون. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 5.95 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾ ڪورونا سبب گڏيل طور تي 2089 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن ۽ ڪل ڪيسن جو انگ 8 لک 93 هزار 461 ٿي چڪو آهي جڏهن ته هن وقت تائين وائرس سبب 8 لک 10 هزار 141 ڄڻا صحتياب به ٿيا آهن. ان کان سواءِ سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين گڏيل طور تي 11 لک 93 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا جي ويڪسين هنئي وئي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر 30 سالن جي عمر جي ماڻهن لاءِ ڪورنا ويڪسينيشن جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته اين سي او سي جي اجلاس ۾ 30 سالن جي ماڻهن کي ويڪسينيشن هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته سڀاڻي کان 30 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ويڪسين هڻڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو جڏهن ته ويڪسين شيڊول ۾ شامل 30 سال ۽ وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي اڄ ميسيج ملي ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *