پاڪستاني ڪپتان جو برسبين ٽيسٽ ۾ ڪوتاهين جو اعتراف

 

برسبين(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ نئين حڪمت عملي سان ميدان تي لهنداسين، ٽيسٽ سيريز برابر ڪرڻ اسان لاءِ ضروري آهي. آسٽريليا هٿان ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪپتان اظهر علي چيو ته پهرين ٽيسٽ ۾ سٺو اسڪور ڪيو پر ٻئي سيشن ۾ موقعي جو فائدو نه وٺي سگهياسين ۽ ٽيسٽ ميچ ۾ پوئتي هليا وياسين. اظهر علي تسليم ڪيو ته جيڪو اسڪور ڪرڻ گهرجي ها اهو نه ڪري سگهياسين، بالنگ ذريعي آسٽريلوي ٽيم کي دٻاءُ ۾ نه آڻي سگهياسين، رن ريٽ کي به ڪنٽرول نه ڪري سگهياسين، اهو ئي سبب آهي جو ٽيسٽ ميچ ۾ پٺتي پئجي وياسين. هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ شڪست ۽ ڪاميابي راند جو حصو آهي، رانديگرن تي سوال اٿارڻ سٺو سنوڻ ناهي، هڪ ٽيسٽ ميچ خراب وڃڻ سان بئٽسمين خراب ناهي ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *