پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي آءِ سي سي جي سڀ کان وڏي ايونٽ چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت ۾ آيل سموريون رنڊڪون ختم

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي آءِ سي سي جي سڀ کان وڏي ايونٽ چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت ۾ آيل سموريون رنڊڪون ختم ٿي ويون آهن ۽ هاڻي قومي ٽيم جي چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت يقيني بڻجي وئي آهي. عالمي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چيمپئنز ٽرافي کان اڳ ويسٽ انڊيز جي ڪنهن به ملڪ سان ون ڊي سيريز طئي نه ٿي سگھي آهي، جنهن ڪري پاڪستان ڪا دروازا کلي ويا آهن، ۽ پاڪستان جي چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت ممڪن ٿي آهي. آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ صرف عالمي رينڪنگ ۾ اٺين نمبر تائين ايندڙ ٽيمون ئي شرڪت جون اهل هونديون آهن. پاڪستان گذريل مهيني سري لنڪان کي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏئي آءِ سي سي جي رينڪنگ ۾ اٺين پوزيشن ماڻي ورتي هئي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي ڪنهن ملڪ سان ميچ جي صورت ۾ پاڪستان نائين نمبر تي هليو وڃي ها ۽ ويسٽ انڊيز جي اٺين پوزيشن ٿي وڃي ها. ويسٽ انڊين ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ويسٽ انڊيز جو ڪرڪيٽ بورڊ ڪنهن به ملڪ سان سيريز طئي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، جنهن جي ڪري ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي هاڻي چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت نا ممڪن ٿي وئي آهي. واضح رهي ته ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ بورڊ ڀارت سان سيريز کيڏڻ جون ڪوششون ڪيون هيون پر ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز ٿي نه سگھي. چيمپئنز ٽرافي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر 2015ع آهي ان وقت تائين اٺين نمبر تائين جون ٽيمون چيمپئنز ٽرافي کيڏي سگھنديون ۽ ويسٽ انڊيز لاءِ ان وچ ۾ ڪا به سيريز رٿيل ناهي، جنهن ڪري هاڻي پاڪستان اٺين نمبر جي ٽيم طور چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *