پاڪستاني ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچ ۾ سريلنڪا کي 15 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪولڪته (اسپورٽس نيوز ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي وارم اپ مئچ ۾ پاڪستان محمد حفيظ جي 75 رنسن ٺاهڻ سان سريلنڪا کي 15 رنسن تان هارائي ڇڏيو پاڪستاني ٽيم مقرر 20 اوورن۾ پنج رانديگرن جي نقصان تي 157 رنسون ٺاهيون سريلنڪا جي ٽيم گهربل هدف پورو ڪرڻ ۾ 9 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 142 رنسون ٺاهي سگهي پاڪستان پاران عماد وسيم چار، محمد عرفان ٻه ۽ وهاب رياض هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو ڪپتان شاهد آفريدي ڪو به اسڪور نه ڪري سگهيو چئن اوورن ۾ بنا ڪنهن وڪيٽ جي 40 رنسون ڏنيون. ڪولڪته جي ايڊن گارڊن اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ورلڊ ڪپ جي وارم اپ مئچ ۾ پاڪستان سريلنڪا خلاف 157 رنسون ٺاهيون. جڏهن ته سريلنڪن ٽائيگرز گهربل هدف 9 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 142 رنسون ئي ٺاهي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *