پاڪستاني ٽيم هن ڀيري سريلنڪن اسپنر رنگانا هيراٿ جي حملن جو جواب ڳولي لڌو آهي: مصباح الحق جي دعويٰ

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني ٽيم هن ڀيري سريلنڪن اسپنر رنگانا هيراٿ جي حملن جو جواب ڳولي لڌو آهي. هيراٿ گذريل ڪجھه سيريزن دوران پاڪستان لاءِ سڀ کان خطرناڪ بالر ثابت ٿيو هو، هن هيل تائين پاڪستان خلاف 17 ٽيسٽ ميچن ۾ 88 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون آهن، جيڪو کيس دنيا جي ڪنهن ٻي ٽيم خلاف هڪ ٽيون ڪامياب بالر بڻائي ٿي. کيس شين وارن جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ صرف ٽي جڏهن ته پاڪستان خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 100 وڪيٽون وٺندڙ دنيا جو پهريون بالر بڻجڻ لاءِ 12 وڪيٽون گھربل آهن. مصباح جو چوڻ هو ته هن هيراٿ جو ٽوڙ ڳولي لڌو آهي، ڇو ته سڀني ڇوڪرن هيراٿ کي ڪيئن کيڏڻو آهي لاءِ تمام گھڻي محنت ڪئي آهي. اسان گذريل سيريز ۾ کيس سٺو کيڏياسين، بازي ڪڏهن بالرن وٽ ته ڪڏهن بيٽسمينن وٽ. مصباح موجب هيراٿ خلاف سڀ سٺي راند ڪندا، هن گذريل ڀيري ڪنڊيشنن جو سٺو فائدو ورتو هو، پر هيل کيس هر بال تي جواب ملندو. اسپن بالر سڀني لاءِ مسئلو هوندو آهي، هن چيو ته ان کان اڳ مرلي ڌرن هو ۽ هاڻي هيراٿ به حيران ڪندڙ راند پيش ڪري رهيو آهي، ان ڪري اسان وٽ اصل مسئلو اسپن بالنگ آهي، جنهن خلاف اسان جدوجهد ڪري رهيا آهيون. اسان ان سلسلي ۾ ڪجھه مختلف ڪرڻ پيا وڃون. سريلنڪا ۽ پاڪستان جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ ٽين ٽيسٽ ميچن جي پهرين ميچ اڄ کان شروع ٿي رهي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *