پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 2 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون

ڪنگسٽن( نيوز) پاڪستاني ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين سرفراز احمد ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 2 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن. هن اهو اعزاز ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ جي چوٿين ڏينهن حاصل ڪيو، سرفراز احمد ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز جي پهرين اننگز ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ هڪ ڇڪي ۽ پنجن چؤڪن جي مدد سان اڌ سينچري مڪمل ڪري ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 2 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون. سرفراز هن وقت تائين 34 ميچن جي 59 اننگز ۾ 42.59 جي شرح سان 2002 رنسون اسڪور ڪيون آهن، جنهن ۾ سندس ٽي سينچريون ۽ 12 اڌ سينچريون شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *