پاڪستاني فنڪارن کي ڀارت ۾ پرفارم نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته اتي انتهاپسندي عروج تي آهي: حميرا ارشد

لاهور(شوبز نيوز)حميرا ارشد جو چوڻ آهي ته راڳ لاءِ هڪ اڪيڊمي ٺاهڻ چاهيان ٿي  جنهن لاءِ حڪومت کان سهڪار جي اپيل آهي اڪيڊمي ٺاهڻ جو مقصد موسيقي کي هٿي ڏيڻ ۽ نئين ٽيلينٽ جي پروموشن آهي هن جو چوڻ آهي ته منهنجو جنون راڳ آهي ۽ مان هميشه دل سان ڳائيندي آهيان جڏهن به راڳ ڳائڻ اسٽيج تي ويندي آهيان منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته مان ٻڌندڙن کي پنهنجي پرفارمنس سان متاثر ڪيان هن وڌيڪ چيو ته مان سمجهان ٿي ته پاڪستاني فنڪارن کي ڀارت وڃي پرفارم نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته اتي انتهاپسندي عروج تي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *