پاڪستاني فلم ”گڊ مارننگ ڪراچي“ نئين سال جي شروع ۾ رليز ٿيندي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني فلم ”گڊ مارننگ ڪراچي“ نئين سال جي شروع ۾ رليز ٿي رهي آهي، 90 منٽن جي هيءَ فلم هڪ غريب ڇوڪريءَ جي ماڊل بڻجڻ واري خواهش ۽ جدوجهد جي چوڌاري گھمي ٿي، هڪ وچين درجي جي گھراڻي سان تعلق رکندڙ ڇوڪري جنهن جي ماءُ سندس شادي ڪرائڻ ٿي چاهي، پر رفينا جي اکين ۾ هڪ وڏي ۽ ناليواري ماڊل بڻجڻ جا خواب هوندا آهن، رنگ ۽ روشنيءَ واري سفر ۾ رفينا کي تمام گھڻيون ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پوندو آهي، ماڊل ۽ اداڪارا آمنه الياس فلم ۾ رفينا جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪا سندس ”زنده ڀاڳ“ کان پوءِ ٻين پاڪستاني فلم آهي، فلم جي هدايتڪارا صبيحه ثمر آهي جڏهن ته ٻي ڪاست ۾ سويرا نديم، صبا حميد، فرحان علي آغا، خالد ملڪ ۽ ٻيا شامل آهن، ٻه سال اڳ انگريزي زبان ۾ ٺهندڙ هِن فلم کي ڪيترن ئي بين الاقوامي فلمي ميلن ۾ ڏيکاريو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *