پاڪستاني فلم انڊسٽري دنيا جي وڏي فلم انڊسٽري ٿي ويندي: عروا حسين

لاهور (شوبز نيوز ) پاڪستاني اداڪار عروا حسين چيو آهي ته پاڪستاني فلم انڊسٽري دنيا جي وڏي فلم انڊسٽري ٿي ويندي، پاڪستاني فلمن جو معيار ۽ ڪم ڪندڙ نوجوانن جو هڪ الڳ انداز آهي. هن چيو ته هنن جي محنت کي ڏسندي هاڻي اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته پاڪستاني فلم انڊسٽري دنيا جي وڏي فلم انڊسٽري جو حصو بڻجي ويندي، پنهنجي هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته ماڊلنگ ۽ ٽي وي ڊرامن سان گڏ جڏهن مونکي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته مان اُن آڇ کي قبولي ورتو ۽ پوءِ اسان جي فلم کي بهترين رسپانس پڻ مليو، هن چيو ته اُن دوران گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو پر ڪم ڪندڙ تقريبن اُهي ماڻهو  هئا، جنهن سان گڏ ڪم ڪري چڪي هئس پر فلم ميڪنگ جو انداز ڏاڍو مختلف هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *