پاڪستاني فلمساز شرمين عبيد چنائي ٻيو ڀيرو آسڪر ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) پاڪستاني فلمساز شرمين عبيد چنائي ٻيو ڀيرو آسڪر اڪيڊمي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو، 88 هين آسڪر ايوارڊن جي رنگا رنگ تقريب آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ ٿي، شرمين عبيد چنائي کي بيسٽ شارٽ ڊاڪيومينٽري جي ڪيٽيگري ۾ غيرت جي نالي تي قتل جي حوالي سان تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري ” اي گرل ان دي ريور: ڊي پرائس آف فارگونيس“ تي آسڪر ايوارڊ ڏنو ويو، شرمين اسٽيج تي پنهنجو ٻيو آسڪر ايوارڊ وٺندي انهن سڀني ماڻهن جو ٿورو مڃيو، جن ان فلم کي ان هنڌ تائين پهچائڻ ۾ سندس مدد ڪئي، شرمين جو چوڻ هو ته منهنجي فلم ڏسڻ کانپوءِ پاڪستاني وزيراعظم جو چوڻ هو ته جلد غيرت جي نالي تي قتل جهڙي مسئلي تي قانونسازي ڪئي ويندي ۽ اها هن فلم جي طاقت آهي، صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف ۽ ٻين حڪومتي شخصيتن شرمين عبيد کي ٻيو ڀيرو آسڪر ايوارڊ ملڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. واضح هجي ته ان کان پهرين شرمين کي 2012ع ۾ دي سيونگ فيس نالي فلم تي آسڪر ايوارڊ مليو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *