پاڪستاني بالرن بد ترين بالنگ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

همبنٽوٽا (اسپورٽس نيوز) ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ سال اندر سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهڻ جو رڪارڊ ٽُٽي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستاني بالرن بد ترين بالنگ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ سري لنڪا جي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ سري لنڪا جي بيٽسمين ڪشال سلوا سينچري ٺاهي انٽرنيشنل ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سال جي 80 هين سينچري مڪمل ڪئي. ان کان اڳ گذريل سان مختلف ٽيمن جي بيٽسمينن 79 سينچريون ٺاهيون هيون. 2015ع جا اڃا گھٽ ۾ گھٽ پنج مهينا باقي آهن، ڪرڪيٽ ماهرن کي اميد آهي ته هلندڙ سان دوران سينچرين جي سينچري مڪمل ٿي سگھي ٿي. ٻئي پاسي گذريل ڏينهن پاڪستاني بالرن ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ بد ترين بالنگ ڪرائڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. سري لنڪا خلاف ميچ ۾ پاڪستان جي  چئن بالرن محمد عرفان، انور علي، راحت علي ۽ يار شاهه پنهنجي پنهنجي 10 اوورن جي اسپيلن ۾ 70 کان وڌيڪ رنسون ڏنيون. راحت علي، عرفان ۽ ياسر شاهه 73_73 جڏهن ته انور علي 71 رنسون ڏنيون. ساڳئي ميچ ۾ سري لنڪا پاران پاڪستان کي ڏنل 369 رنسن جو ٽارگيٽ به ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان کي ڏنل سري لنڪا جو سڀ کان وڏو ٽارگيٽ آهي. پاڪستان خلاف ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڏو اسڪور ڏکڻ  آفريڪا جو آهي، جنهن 2007ع ۾ پاڪستان خلاف 392 رنسون ٺاهيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *