پاڪستاني اداڪار فواد خان سين ڪرڻ کان انڪار، ڪرن جوهر کي اسڪرپٽ تبديل ڪرڻو پئجي ويو

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ڪاميابي جا جهنڊا هڻڻ واري پاڪستاني اداڪار فواد خان بالي ووڊ جي ڪامياب هدايتڪار ڪرن جوهر جي فلم ڪپور اينڊ سنز ۾ ڀرپور ايڪشن ۾ نظر  ايندو.،  هن عاليه بٽ سان گڏ هڪ سين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن جي وجه سان فلم جو اسڪرپٽ تبديل ڪرڻو پيو. ڀارتي ميڊيا مطابق ڪرن جوهر جي نئين فلم ڪپور اينڊ سنز جي شوٽنگ جو آغاز ٿي ويو آهي. فلم جي ڪهاڻي پيار ۽ محبت جي چوڌاري گهمي ٿي.  فواد خان جو چوڻ آهي ته فلم ۾ خراب سين فلمائڻ هن جي چاهڻ وارن ۽ تهذيب جي خلاف آهن. هن کان علاوه هو هڪ شادي شده آهي. اهڙا سين  ڪرڻ ان جي اصولن جي خلاف آهن. واضح رهي ته فواد خان بالي ووڊ مان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات گذريل سال فلم خوبصورت سان ڪئي، جنهن ۾ ان سان گڏ انيل ڪپور جي ڌيءُ سونم ڪپور به مرڪزي ڪردار ادا ڪيو،  فواد خان پهريون پاڪستاني اداڪار آهي جنهن بيسٽ ميل ڊيبو جو فلم فيئر ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *