”پاڪستاني اداڪار دهشتگرد ناهن“سلمان خان پابندي جي مخالفت ڪري ڇڏي

نئين دهلي: بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان پاڪستاني اداڪارن تي ڀارت ۾ پابندي جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني اداڪار دهشتگرد ناهن، اسان کي  دهشتگرد ۽ فنڪار ۾ فرق ڪرڻو پوندو، هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪ – ڀارت وچ ۾ مسئلن جو حل امن آهي، ڀارت ۾ پاڪستاني اداڪارن کي ڌمڪين جي مذمت ڪندي سلمان خان جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني اداڪار دهشتگرد نه پر فنڪار آهن، ڀارتي حڪومت فنڪارن کي ويزا جاري ڪيا ۽ ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني.هن چيو ته اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن اسان امن سان رهنداسين ته اهو سڀني لاءِ بهتر هوندو، جڏهن ته اهو عمل خاص طور تي هڪ عام ماڻهو لاءِ وڌيڪ بهتر هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *