پاڪستاني اداڪاره ميرا جو پاسپورٽ دبئي جي اختيارين ضبط ڪري ڇڏيو

 

دبئي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪاره ميرا جو پاسپورٽ دبئي ۾ اختيارين ضبط ڪري ورتو آهي. اداڪاره ميرا پنهنجي فلم(باجي) جي رليز ٿيڻ کان پوءِ هن وقت دبئي ۾ موجود آهي. جتي ان جو پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو آهي.اداڪاره جي مئنيجر حسن موجب ميرا جي پاسپورٽ جي تاريخ جو مدو ختم ٿي ويو آهي جنهن جي بنياد تي دبئي اختيارين ان جو پاسپورٽ ضبط ڪري ورتو آهي.اداڪاره جي مئنيجر وڌيڪ ٻڌايو ته هاڻ ميرا جو نئون پاسپورٽ ٺهي ويو آهي ۽ هو هلندڙ هفتي  پاڪستان پهچي ويندي.ياد رهي ته تازو ئي رليز ٿيندڙ فلم(باجي) ۾ ميرا ماڊل آمنه الياس سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *