پاڪستانين کي ڊالرن ۾ وڪڻڻ وقت عمران مشرف سان گڏ بيٺل هو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب جي پريس ڪانفرنس هڪ اڻڄاتل نجومي جي هدايت تي هئي، عمران صاحب خود ذهني طور مفلوج آهي ۽ اڻڄاتل نجومي جو ڪٺ پتلي بڻيل آهي، اڄ ظاهر ٿي ويو ته عمران ڪنهن جي آڱر ۽ اشاري تي پاڪستان جي ترقي روڪي رهيو هو، عمران ڪٺ پتلي هيو ۽ ڪٺ پتلي آهي، سمنڊ پار ماڻهن لاءِ به اهو ئي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران صاحب ماڻهن جي خدمت ڪري، وزيراعظم بڻجڻ لاءِ پرڏيهي سهارا، اڻڄاتل نجومي ۽ ايمپائير نه ڳولي، جمعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران صاحب جڏهن مشرف پاڪستانين کي آمريڪي ڊالر عيوض وڪرو ڪري رهيو هو ته توهان ان سان گڏ هو، اوهان نائين اليون تي مشرف جي پاليسي جي حمايت جو جواب ڏيو، هن چيو ته عمران صاحب کي حقيقت ۾ شهباز شريف فوبيا ٿي ويو آهي، اوهان کي پاڪستان کان وڌيڪ آمريڪا وارن جو فقر ڇو آهي، هن چيو ته پاڪستان جو عوام وزيراعظم چونڊي ٿو پر توهان وزيراعظم بڻجڻ لاءِ ڪو نه ڪو سهارو ڳوليو ٿا، هن چيو ته پاڪستان جو عوام آزاد ۽ خودمختيار آهي، عمران صاحب ماڻهن جي خدمت ڪريو، وزيراعظم ٿيڻ لاءِ پرڏيهي سهارا، اڻڄاتل نجومي ۽ ايمپائير نه ڳوليو، هن چيو ته عمران صاحب ملڪي ادارا پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن پر ڪي پي ڪي ۾ احتساب ڪميشن بند آهي، هن چيو ته نواز شريف عوام جي خدمت ڪئي تنهنڪري عوام کيس 3 ڀيرا وزيراعظم چونڊيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *