پاڪستان، پٺاڻ ڪوٽ ايئر بيس واقعي بابت ڀارت کان اضافي شاهديون گهـري ورتيون

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان، پٺاڻ ڪوٽ ايئر بيس واقعي بابت ڀارت کان اضافي شاهديون گهــُري ورتيون، پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ لاءِ ڀرپور سهڪار

ڪيو پيو وڃي، پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ شرڪت ڪندي ۽ ان کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ ڀارت جي ذميواري آهي. پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران ٻڌايو ته پاڪستان پٺاڻ ڪوٽ واقعي جي جاچ ۾ ڀارت سان ڀرپور سهڪار ڪيو ۽ واقعي جو ڪيس داخل ڪندي جاچ ٽيم به جوڙي وئي جيڪا جلد ڀارت جو دورو ڪندي. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري پنهنجي ڀارتي هم منصب سان پٺاڻ ڪوٽ واقعي جون اضافي شاهديون گهـُريون آهن. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽرين وچ ۾ ڳالهين جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي. سندس چوڻ هو ته پٺاڻ ڪوٽ واقعي کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف ڀارتي هم منصب کي فون ڪري حملي جي مذمت ڪئي پر اها بدقسمتي آهي ته پاڪستان تي الزام هنيا ويا. نفيس ذڪريا چيو ته پٺاڻ ڪوٽ واقعي جي جاچ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويا ۽ ڀارت کي جاچ جي حوالي سان مڪمل سهڪار جي خاطري به ڪرائي وئي. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي پر ان کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ ڀارت جي ذميواري هوندي. نفيس ذڪريا وڌيڪ چيو ته پاڪ-آمريڪا اسٽريٽجڪ ڳالهين سان لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي ۽ ڳالهين جو ستون دور ايندڙ سال ٿيندو. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف سمورن ملڪن سان گڏيل سهڪار تي يقين رکي ٿو ۽ ان جو نيوڪليئر پروگرام ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ آهي. سندس چوڻ هو ته افغان مفاهمتي عمل کي ڪامياب بڻائڻ سمورن ملڪن جي ذميواري آهي ۽ ان عمل لاءِ اڃا ڳالهين جي تاريخ طئي ناهي ٿي –

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *