پاڪساني اختيارين ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ويڊيو ڪانفرنس تي رابطو، ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اختيارين ۽ عالمي مانيٽري فنڊ ( آءِ ايم ايف) وچ ۾ ويڊيو ڪانفرنس تي رابطو ٿيو، جنهن دوران ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب ويڊيو ڪانفرنس ۾ پاڪستان طرفان ناڻي واري وزير اسد عمر ۽ ناڻي واري سيڪريٽري سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ويڊيو ڪانفرنس دوران پاڪستان آءِ ايم ايف جي مطالبن تي هن وقت تائين ڪيل عملدرآمد جي باري ۾ آگاهه ڪيو. پاڪستان اختيارين موقف ڄاڻايو ته پاڪستان قابل قبول شرطن تي آءِ ايم ايف جو پروگرام وٺڻ چاهي ٿو ۽ ملڪي معيشت ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ واري ڪا به شرط تسليم نٿا ڪري سگهون. ذريعن موجب آءِ ايم ايف طرفان پاڪستاني موقف تي هاڪاري ردعمل ڏنو ويو ۽ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو .

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *