پاڙيسري ملڪن ۾ پناهه وٺندڙن کي محفوظ رستو ڏنو وڃي ۽ عالمي برادري واقعن جي غيرجانبداراڻي جاچ ڪرائي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي ميانمار ۾ مسلمانن تي ظلم خلاف ٺهراءُ قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ٺهراءَ تي مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه، نويد قمر ۽ يوسف ٽالپر سميت ٻين ميمبرن صحيح ڪئي. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ايوان ميانمار ۾ مسلمانن جي قتل عام ۽ ظلم جي سخت مذمت ڪري ٿو، حڪومت ميانمار حڪومت سان رابطو ڪري مسئلو فوري طور حل ڪرائي ۽ گڏيل قومن سان رابطي ڪري ميانمار ۾ قتل عام بند ڪرائي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته پاڙيسري ملڪن ۾ پناهه وٺندڙن کي محفوظ رستو ڏنو وڃي ۽ عالمي برادري واقعن جي غيرجانبداراڻي جاچ ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *