پاڙيسري ملڪن سان ويجهڙائي وارا لاڳاپا حڪومت جي اهم ترجيحي رهي آهي: نريندر مودي

نئين دهلي (م.ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته پاڙيسري ملڪن سان ويجها تعلق ان جي حڪومت جي اهم ترجيحي رهي آهي 26 کان 27 نومبر تائين جاري رهندڙ 18هين سارڪ سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ نيپال جي دوري جي موقعي تي نريندر مودي چيو ته پاڙيسري ملڪن سان ويجها تعلقاتن کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون ۽ هي ان جي حڪومت جي اهم ترجيحي آهي هن چيو ته ٻطرفو علائقائي بنيادن تي ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن تي ڪنهن نتيجي تائين پهچڻ جي اميد آهيهن چيو ته چئن مهينن دوران نيپال جو ٻيو دورو نيپال سان منفرد ۽ خصوصي تعلقات جي عڪاسي ڪري ٿو وزيراعظم نريندر مودي باضابطه پروگرام ۾ وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات جو ڪوئي ذڪر نه ڪيوآهي. جڏهن ته هو بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه، افغانستان جي صدر اشرف غني، سريلنڪا جيصدر مهندرا راجا سان ملاقات ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *