پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا پهرين ترجيح هئڻ گهرجي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا اسان جي پهري ترجيح هئڻ گهرجي، چين سان بهترين لاڳاپا آهن ۽ وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، مرڪزي ميڊيا سيل مطابق هو ڪميونٽس پارٽي جي دعوت تي چين وڃڻ کان اڳ محمد اڪرم دراني، محمد اجمد خان، اسلم غوري، حاجي شمس الرحمان سمشي ۽ عبدالرزاق عابد لاکو سان ڳالهائي رهيو، مولانا فضل الرحمان وفد سان گڏ اسلام آباد مان بيجنگ روانو ٿي ويو، وفد ۾ سينيٽر تلحه محمود، مفتي ابرار احمد ۽ ٻيا شامل آهن، مولانا محمد اجمد خان ٻڌايو ته مولانا فضل الرحمان چيو ته چين جي حڪمران پارٽي جي دعوت تي هڪ هفتي جي دوري تي ويل آهي جتي جي يو آءِ جي سربراهه جي چين اڳواڻن سان شاگر ۽ گوادر وچ ۾ رستي بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو، هن ٻڌايو ته چين جي ڪميونسٽ پارٽي سان مولانا فضل الرحمان 2010 ۾ دوستي ٿي هئي، مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ پاڙيسر ملڪن سان بهتر لاڳاپن جي حق ۾ آهي، هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ماضي وانگر مستقبل ۾ به مضبوط ٿيندا، هن چيو ته جي يو آءِ ملڪ ۾ جمهوري عمل لاءِ ڪم ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *