پاڙيسرين سان ڏک سک ۾ ساٿ ڏيو، هيشه پاڪستان جي فوج کي سٺي نظر سان ڏسو: پير پاڳاري جي مريدن کي تلقين

ڪنڌرا (م.ڊ) حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري ڪنڌرا لڳ تاريخي شهر اروڙ ۾ عقيدتمندن کي زيارت ڪرائي، پيرپاڳارو فنڪشنل ليگ صدر جي نائب صدر فقير عنايت الله ٻرڙو جي دعوت تي اروڙ پهتو، جتي هزارين مريد ۽ عقيدتمند به زيارت لاءِ پهتا، پيرپاڳاري عقيدتمندن ۽ مريدن کي زيارت ڪرائڻ بعد کين تلقين ڪندي چيو ته پاڙيسرين سان ڏک سک ۾ ساٿ ڏيو، چوپايو مال پاليو، ان ۾ اوهان جي زندگي سٺي گذرندي، هيشه پاڪستان جي فوج کي سٺي نظر سان ڏسو، اسين پاڪستان ٺهڻ کان وٺي فوج سان گڏ گذاريو آهي، حڪومت ڪنهن جي به هجي اسان تي ڪو به فرق نٿو پوي، پير سائين پاڳاري مريدن ۽ واسطي دارن کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته خاص طور تي نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياريو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *