پاور سيڪٽر کي تيل فراهم ڪندڙ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي ڏيوالي ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي، اسلام آباد (م.ڊ) پاور سيڪٽر کي تيل فراهم ڪندڙ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي ڏيوالي ٿيڻ جو خدشو، واپڊا، حبڪو ۽ ڪيپڪو جي ذمي پي ايس او جا 0 0 2 ارب رپيا واجب الادا آهن. تفصيل موجب پي ايس او جو سرڪلر ڊيٽ 340 ارب تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب پي ايس او حڪومت کان فوري طور تي 0 5 ارب رپيا گهري ورتا آهن. پي ايس او موجب جيڪڏهن ان کي ادائيگي نه ڪئي وئي ته ليٽر آف ڪريڊٽ ڊيفالٽ ٿي ويندو، جنهن کان بچڻ لاءِ ان کي 9 8 ارب رپين جي ضرورت آهي. دستاويز موجب پي ايس او مقامي ۽ عالمي ريفائنرين جي 0 1 1 ارب رپين جو مقروض آهي جنهن سبب پاور پلانٽس کي تيل فراهمي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب لوڊشيڊنگ جو دورانيو 6 1 ڪلاڪن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، پي ايس او جا واپڊا جي ذمي 2 1 1 ارب رپيا واجب الادا آهن، حبڪو 2 6 ارب رپين جو بل ادا ناهي ڪيو، جڏهن ته ڪيپڪو 6 2 ارب رپين جو ڊيفالٽر آهي. ڪي اليڪٽرڪ ڪمپني جي ذمي پي ايس او جا 5 ارب رپيا واجب الادا آهن جڏهن ته پي آءِ اي 1 1 ارب، پاڪستان ريلوي 7 7 ڪروڙ رپين جي ڊيفالٽر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *