پانامه ڪيس، شريف فئملي آف شور ڪمپنين جو رڪارڊ جمع ڪرائي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پانامه ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم جي وڪيل شريف خاندان جي ورهاستي ملڪيت جي ورڇ جا تفصيل ۽ نيب اسحاق ڊار جي معافي بابت رڪارڊ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن سومر تي سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج آصف سعيد کوسي اعجاز افضل اعجازالاسن گلزار احمد ۽ عظمت سعيد شيخ تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي جي شروعات ۾ وزيراعظم جي وڪيل شريف خاندان جي ورهاستي ملڪيت جي ورڇ جڏهن ته نيب مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي معافي بابت رڪارڊ جمع ڪرائي ڇڏيا. نيب جي رڪارڊ موجب 20 اپريل 2000 تي اسحاق ڊار معافي جي درخواست ڏني جنهن کي نيب جي چيئرمين 21 اپريل 2000 تي منظور ڪري ورتو 24 اپريل تي جاچ آفيسر بيان رڪارڊ ڪرڻ جي درخواست ڏني 25 اپريل تي اسحاق ڊار جو اعترافي بيان مئجسٽريٽ اڳيان رڪارڊ ٿيو ٻڌڻي دوران بئنچ جي اڳواڻ آصف سعيد کوسي وڪيل کان پڇا ڪئي ته ڇا فيصلي ۾ ريفرنس رد ۽ جاچ نه ڪرڻ جو چيو ويو هو جنهن تي شاهد حامد عدالت کي ٻڌايو ته ٻيهر جاچ ڪرائڻ جي معاملي تي ٻه رڪني بئنچ ۾ اختلاف هو ان لاءِ معاملي جي ٻڌڻي ريفري جج ڪئي جسٽس آصف کوسي سوال ڪيو ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ريفري جج کي پنهنجي راءِ تي فيصلو ڏيڻو هو جنهن تي شاهد حامد عدالت کي ٻڌايو ته ريفري جج نيب جي ٻيهر جاچ واري درخواست رد ڪئي هئي جسٽس گلزار احمد چيو ته ڇا ان عدالتي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو شاهد حامد ان کي ٻڌايو ته اهو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج نه ڪيو ويو ۽ عدالتي فيصلي جي خلاف اپيل جو وقت ختم ٿي چڪو جسٽس آصف سعيد کوسي شاهد حامد کي هدايت ڏني ته هو پنهنجا دليل مڪمل ڪري جنهن ان پوءِ پراسيڪيوٽر جنرل نيب ان بابت ان کان پڇيو ويندو جسٽس اعجاز افضل چيو ته اسحاق ڊار جو اعترافي بيان واعده معاف گواهه بڻجڻ کان پوءِ رڪارڊ ٿيو شاهد حامد عدالت کي ٻڌايو ته اسحاق ڊار تي مني لانڊرنگ ڪيس ختم ٿي ويو آهي ۽ هاڻي صرف ان الزام جي بنياد تي ان کي نااهل قرار نٿو ڏيئي سگهجي هن جو چوڻ هو ته هي 25 سال پراڻو معاملو آهي جنهن تي 13 کان وڌيڪ جج ٻڌي چڪا آهن جنهن وقت ان جي مئوڪل تي مني لانڊرنگ جو الزام هو ان وقت هو ڪنهن عوامي عهدي جو مالڪ نه هو شاهد حامد عدالت کي ٻڌايو ته نيب جي رڪارڊ موجب اسحاق ڊار ۽ هاڻي جوابدار نه رهيو آهي جسٽس اعجاز افضل چيو ته گواهه بڻجڻ جي حفاظت لاءِ ان کي تحويل ۾ رکيو ويندو آهي شاهد حامد عدالت کي ٻڌايو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن چيو آهي ته ايف آءِ اي کي پرڏيهي اڪائونٽنٽ جي جاچ جو اختيار نه آهي جسٽس اعجاز افضل وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا بيان رڪارڊ ڪرڻ وارو مئجسٽريٽ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن تي شاهد حامد ٻڌايو ته ان وقت نيب قانون جي تحت مئجسٽريٽ جو احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ ضروري نه هو اسحاق ڊار جي وڪيل شاهد حامد جو چوڻ هو ته گواهه بڻجڻ جو بيان حلفي ۽ ان جي خلاف استعمال نٿو ٿي سگهي جنهن تي جسٽس اعجاز افضل جواب ڏنو ته هو گواهه بڻجڻ کان پوءِ بيان اسحاق ڊار نه پر وزيراعظم جي خلاف استعمال ٿي سگهي ٿو جسٽس اعجاز افضل چيو ته گواهه بڻجڻ کان پوءِ اسحاق ڊار جي خلاف نااهلي جو حڪم جاري نٿو ڪري سگهجي شاهد حامد چيو ته فوجداري جي قانون جي قلم 26 تحت اسحاق ڊار جو ٻيهر ٽرائيل نٿو ڪري سگهجي جنهن تي ججن چيو ته اسان اسحاق ڊار جي عترافي بيان تي قانون کان سواءِ غور نه ڪنداسين ۽ اسحاق ڊار ڪيس تي ڊبل جيو پر ڊي جو اصول لاڳو ٿيندو نجي ٽي وي موجب رڪارڊ کي ڏسندي جسٽس آصف سعيد کوسي ريمارڪس ڏنا ته اسحاق ڊار نيب جي چيئرمين کي معافي جي تحريري درخواست خود ڏني هئي ۽ معافي ملڻ کان پوءِ هو جوابدار نه رهيو اهي عدالت چيو ته اسحاق ڊار کي ان ڪيس ۾ معافي کان پوءِ سزا نه ٿي ۽ شاهد حامد کان مطالبو ڪيو ويو ته هو ان نقطي تي دليل ڏي ته هڪ شخص جو ٻه ڀيرا ٽرائيل ٿي سگهي ٿو يا نه شاهد حامد عدالت جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پنج رڪني لارجر بئنچ اڳيان پراسيڪيوٽر جنرل نيب اسحاق ڊار جي ڪيس بابت دليلن جو سلسلو شروع ڪيو پراسيڪيوٽر جنرل نيب وقاص قدير عدالت کي ٻڌايو ته نيب جي اجلاس ۾ فيصلو ٿيو هو ته حديبيه پيپر مل ڪيس ۾ اپيل داخل نه ڪئي ويندي جڏهن ته 20 اپريل تي اسحاق ڊار معافي جي درخواست ڏني هئي ان موقعي تي عدالت پراسيڪيوٽر جنرل کان نيب جي ان اجلاس جي تفصيل طلب ڪري ورتي جنهن ۾ ان ڳالهه جو فيصلو ڪيو ويو هو ته حديبيه پيپر مل جي اپيل داخل نه ڪئي ويندي جنهن تي آصف سعيد پڇا ته نيب شريف فئملي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڇو نه ڪئي پراسيڪيوٽر جنرل نيب جواب ۾ چيو ته هاءِ ڪورٽ جي ججن جي عقلمندي کي نظر رکندي اپيل داخل نه ڪئي جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسي ٻيهر پڇا ڪئي ته ڇا نيب هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن فيصلي جي خلاف اپيل داخل نٿو ڪري سپريم ڪورٽ نيب اسٽيٽ بئنڪ ۽ ايس اِي سي پي پاران فيصلي جي خلاف اپيل داخل نه ڪرڻ تي اٽارني جنرل کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو ورتو ٻڌڻي دوران حسن ۽ حسين نواز جي وڪيل سلمان اڪرم راجا پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ان تي وڏو ٻوجهه آهي جنهن جي ان کي وضاحت ڪرڻي آهي عدالت نوازشريف حسن نواز ۽ حسين نواز جا بيان ۽ دستاويزن جو جائزو وٺي جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته حسن نواز ۽ حسين نواز جي خلاف ته ڪوبه اپيل نه ڪئي هئي اها ڪنهن ٻئي جي ملڪيت هئي جيڪا مختلف ذريعن کان ٿيندي توهان وٽ آئي سموري شيون نوازشريف ڏانهن ئي موٽي اچن ٿيون وڪيل چيو ته درخواست ڪندڙ جي اپيل آهي ته لنڊن فليٽ موٽايل رقم مان ٺاهيا ويا حسين نواز نه پر اصل مالڪ نوازشريف آهي ان لاءِ لنڊن فليٽن کي ضبط ڪيو وڃي حالانڪه نوازشريف جو لنڊن فليٽن سان ڪوبه تعلق نه آهي ۽ ان فليٽن جي بينيفشل اونر حسين نواز آهي جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته توهان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته نوازشريف لنڊن فليٽن جو مالڪ نه آهي ۽ ملڪيت توهان جي مئوڪل جي آهي جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته ان ڳالهه جو تعين جاچ کان بغير ممڪن نه آهي سلمان اڪرم چيو ته درخواست ڪندڙ جي اپيل ۾ تضاد آهي جوابدار الزام ثابت ٿيڻ تائين بيگناهه هوندو آهي شاهديون فراهم ڪرڻ الزام لڳائڻ واري جي ذميواري آهي مني لانڊرنگ جو تعين آرٽيڪل 184/3 جي ڪيس ۾ نٿو ٿي سگهي عدالت ٻين ادارن جو ڪم نٿي ڪري سگهي عدالت جي اڳيان الزام مڙهيندڙ شاهديون نه رکيون عدالت پهريان قانون کي ڏسي جسٽس اعجاز احسن چيو ته حسين نواز وزيراعظم جو پٽ آهي ۽ هو چوي ٿو ته هو ڪمپني جو بينيفشل مالڪ آهي ڇا ڪمپنين جو رڪارڊ تائين حسين نواز کي اها شئي حاصل آهي آفشور ڪمپني جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي رڪارڊ سامهون آندا وڃن ته حقيقت جي خبر پوندي. سلمان اڪرم راجا چيو ته ميان شريف کي لوهه جي ڪاروبار جو چئن ڏهاڪن جو تجربو هو 1973 ۾ ميان شريف دبئي جي شاهي خاندان سان رابطو ڪيو دبئي جي شاهي خاندان اسٽيل پلانٽ لڳائڻ لاءِ ان کي ڀليڪار چيو ۽ 175 ۾ گلف اسٽيل جا 75 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪيا جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته 1978 ۾ فيڪٽري جو 75 سيڪڙو حصو وڪرو ڪري به 15 ملين بقايا باقي هئي گلف فيڪٽري جي مڪمل قيمت وڪرو 33.375 ملين درهم ٺهي ٿي جڏهن ته گلف فيڪٽري جون رهتون 36 ملين درهم هيون وڪيل چيو ته نئين ڪمپني جڏهن گلف فيڪٽري جو انتظام سنڀاليو ته ان وقت خساري ۾ نه هئي جسٽس عظمت سعيد شيخ پڇا ڪئي ته ڇا توهان کي ڪوئي اندازو آهي ته باقي رهتون ڪيئن ادا ڪيون ويون جنهن تي وڪيل چيو ته ان کي ڪوبه اندازو نه آهي نجي ٽي وي موجب جسٽس عظمت شيخ پڇا ڪئي ته طارق شفيع جي بيان ۽ فيڪٽري وڪرو معاهدي تي صحيحن ۾ فرق چٽو آهي جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته ايتري عرصي ۾ صيحن ۾ فرق اچي ويندو آهي جسٽس آصف سعيد کوسي ريمارڪس ڏنا ته توهان جي موقف ۾ پهريان پيش ڪيل موقف کان ڪجهه نئون نه آهي. 1972 ۾ فيڪٽري جو پئسو دبئي ويو پر ڪابه وضاحت نه ڪئي ويئي ته پئسو ڪٿان آيو توهان جو چوڻ آهي ته دبئي فيڪٽري کان 12 ملين درهم حاصل ٿيا 12 ملين درهم ڪيئن حاصل ڪيا خبر نه آهي. صرف چيو ويو ته قرض وٺي فيڪٽري لڳائي. وزيراعظم تقرير ۾ چيو ته ثبوتن جا ڍير موجود آهن ۽ پوءِ چيو ته پئسي جو حساب حسين نواز کان پڇيو وڃي جنهن تي وڪيل چيو ته دبئي فيڪٽري لاءِ پئسو پاڪستان مان دبئي نه ويو رقم ڪيش جي ذريعي منتقل ڪئي ويئي ٻڌڻي دوران وزيراعظم جي وڪيل مخدوم علي خان به عدالت ۾ شريف خاندان جي ورثي واري ملڪيت جي ورڇ جو رڪارڊ جمع ڪرائي ڇڏيو ان کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اڱاري تي ملتوي ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *