پانامه ليڪس معاملي تي وزيراعظم جي خاندان جو احتساب ٿيڻ گهرجي: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پانامه ليڪس معاملي تي وزيراعظم جي خاندان جو احتساب ٿيڻ گهرجي 2012 ۾ حاجين کي موبائيل فون فراهم ڪرڻ بابت ڪرپشن جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن احتساب ڪرڻو آهي ته عوام جي پئسي سان ڪروڙين رپين جا ڏنل اشتهارن جو به حساب ٿيڻ گهرجي. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ميان صاحب کي جلسن لاءِ ڇو اچڻو پئي ٿو. اسان جاچ جي لاءِ نوازشريف جي خاندان جي ڳالهه ڪئي ته ان جي خاندان جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 2012 ۾ حاجي سڳورن کي موبائيل فون فراهم ڪرڻ بابت ڪرپشن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن هن چيو ته پانامه ليڪس نئون معاملو آهي ۽ موبائيل خريداري 2012 ۾ ٿي هئي جيڪڏهن احتساب ڪرڻو آهي ته عوام جي پئسن سان ڪروڙين رپين جي ماليت جا اشتهار ڏنا ويا ان جو به احتساب ٿيڻ گهرجي خورشيد شاهه چيو ته منهنجي نيت خراب نه آهي حاجين لاءِ موبائيل فون جي خريداري جائز طريقي سان ڪئي ويئي جيڪا گذريل سال به لانچ ڪري سگهجي پئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *